پرسڪون انسان ئي سٺا فيصلا ڪري سگهندو آهي: بابر اعظم

0
195
پرسڪون انسان ئي

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته هو جڏهن به ڦاسندو آهي ته اڳوڻي ڪپتان سرفراز کان مشورو وٺندو آهي.بابراعظم قذافي اسٽيڊيم ۾ پي سي بي طرفان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز احمد بابت ڳالهايو

تقريب دوران ميزبان زينب عباس بابت کان ڪپتاني دوران ساٿي رانديگرن کان مشورا وٺڻ بابت سوال ڪيو جنهن تي بابراعظم جو چوڻ هو ته آئون ٽيسٽ ميچز ۾ سدائين مشورا وٺڻ لاءِ نائب ڪپتان شاداب خان ۽ محمد رضوان وٽ ويندو آهيان، مشوري لاءِ سينيئر رانديگرن کان به مدد وٺندو آهيان جيڪڏهن شعيب ملڪ ميچ ۾ موجود هجي ته هن وٽ به ويندو آهيان

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو وڌيڪ اهم مشورو وٺڻو هجي ته آئون سرفراز وٽ ويندو آهيان ڇو جو هن وٽ ڪپتاني جو تجربو گھڻو آهي ۽ سرفراز سٺو عرصو ٽيم کي ليڊ ڪيو آهي تنهنڪري هن وٽ خيالن سٺا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به آئون ڪٿي ڦاسندو آهيان ته سرفراز احمد وٽ ويندو آهيان ۽ ان کان پوءِ مون کي گھڻي مدد ملندي آهي. ان موقعي تي بابر ڀارت جي خلاف ميچ ۾ ٽيم جي محنت کي ساراهيندي چيو ته مون سميت سڄي ٽيم لاءِ يادگار لمحو ڀارت جي خلاف ميچ کٽڻ جو هو ڇو جو ان ڏينهن اسان بنا ڪنهن ڊپ جي کيڏياسين ۽ پريشر به نه هو. سندس چوڻ هو ته ڪپتان دوران آئون صبر سکيو ۽ ڏٺو ته انسان جيترو پرسڪون رهي ٿو اوترا ئي سٺا فيصلا ڪري سگھي ٿو.