متان نه مڃين تعليم بڻايو کدڙي فقير کي وڪيل

0
274

نيشا رائو پهرين خواجه سرا وڪيل آهي، سندس خواهش آهي ته جج ٿئي، 28ورهين جي نيشا رائو جو پهريان ڪم پنڻ هو، ڪراچي ۾ 10 سال پنندي هن شام جي وقت ڪاليج ۾ پڙهائي ڪئي ۽ وڪيل طور ڪيريئر شروع ڪيو، هن وقت تائين 50 کان مٿي کدڙن فقيرن ۽ ٻين جا ڪيس ختم ڪرايا آهن، نشا رائو 18 سالن جي عمر ۾ لاهور کان ڪراچي ٻن ٽرانسجينڊرز سان گڏ ڀڄي پهتي. جتي هن کي چيو ويو ته جيئرو رهڻو آهي ته يا ته پنڻو پوندو يا سيڪس ورڪر طور ڪم ڪرڻو پوندو. هن پنڻ کي ترجيح ڏني ۽ جيڪا پئسا گڏ ڪيا انهن سان تعليم مڪمل ڪئي، هاڻي هي ڪراچي بار ۾ باقاعدي رجسٽرڊ وڪيل آهي. هن جي خواهش آهي ته هي پاڪستان جي پهرين ٽرانسجينڊر جج بڻجي. نشا رائو جو چوڻ آهي ته پنڻ دوران پوليس وارن کان خوف ٿيندو هو، پوليس کدڙن فقيرن سان بدسلوڪي ڪندي آهي، پوءِ هڪ استاد صلاح ڏني ته وڪيل بڻجو پوءِ پوليس وارا اوهان کان ڊڄندا.
(سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوسٽ)