لڪي مروت(انٽرسٽنگ نيوز) خيبر پختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي سرائي نورنگ ۾ شاديءَ جي انوکي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن بابت ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا. سرائي نورنگ ۾ وقاص خان ۽ شمعون خان جي تاريخي ۽ انوکي شادي ۾ غير ضروري خرچ بدران 600 مستحق خاندانن ۾ راشن ورهايو ويو. ڀائٽين جي شاديءَ جي موقعي تي چاچي عزيز الله جو چوڻ هو ته هن شاديءَ کي اسان غريبن جي شاديءَ طور ملهايو آهي. شادي ۾ شريڪ غريب ۽ مستحقن ان عمل کي ساراهيو ۽ وڏن ماڻهن جو اهڙو قدم تعريف قابل قرار ڏنو. شاديءَ ۾ گهرايل مهمانن جو چوڻ هو ته هلندڙ مهانگائيءَ جي لهر ۾ اهڙي طرح جو پروگرام غريب عوام لاءِ خوشين جا ڪجهه پل ثابت ٿيو. عام ماڻهن پاران به اهڙي قسم جي پروگرام کي گهڻو ساراهيو پيو وڃي.