تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ هدايت الله کوسو ۾ ناري جو پراسرار نموني گولي لڳل لاش مليو آهي، ڪارنهن الزام مڙهي قتل جا چوٻول آهن پوليس معاملي کي وارثن سان ملاقات بعد خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب ڳوٺ هدايت الله کوسو ۾  20 ورهين جي ناري عمره ڌيءُ خادم حسين ملڪ جو پسٽل جون گوليون لڳل لاش گهر مان مليو آهي لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وارثن جا بيان رڪارڊ ڪري موٽي وئي. ان باري ۾ ايس ايچ او امتياز حسين مگسي ٻڌايو ته ناري گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪئي وارثن جا بيان ورتا آهن، ناري جي پيءُ خادم حسين ملڪ قانوني ڪاروائي توڙي لاش جي پوسٽ مارٽم کان جواب ڏنو. علائقي ۾ ڀنگوار برادري جي نوجوان سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جا چوٻول آهن. ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته پوليس سان ڳجهي ڊيل عيوض خودڪشي جو رنگ ڏئي خون لوڙهيو ويو.