ارجنٽينا(انٽرسٽنگ نيوز) پاڻ سان شادي ڪندڙ عورت 24 ڪلاڪن کانپوءِ پاڻ کان ئي تنگ اچي وئي ۽ پاڻ کي طلاق ڏئي ڇڏي. ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا اسٽار صوفي ميئور پهريان اعلان ڪيو ته هن پاڻ سان شادي ڪري ورتي آهي ۽ 24 ڪلاڪن کانپوءِ ئي هن چيو ته مان پاڻ کي برداشت نٿي ڪري سگهان، ان لاءِ پاڻ کان طلاق وٺي رهي آهيان. پرڏيهي ميڊيا موجب صوفي ٽوئٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پنهنجون تصويرون پوسٽ ڪيون جن ۾ هن کي شاديءَ جو لباس پهريل هو. تصويرن سان صوفي لکيو ته اڄ منهنجي زندگيءَ جو انتهائي پرجوش لمحا آهن، مان شادي جو جوڙو خريد ڪيو ۽ پاڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ خاص طور تي ڪيڪ به ٺاهيو. صوفي جي پوسٽ تي وڏي تعداد ۾ ردعمل آيو ۽ واهپيدار هن کي سستي شهرت جو طريقو قرار ڏنو جڏهن ته ڪيترن ئي هن کي مبارڪ به ڏني ۽ هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.