وارھ ( ن پ ا ) لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ مبينه اک جو غلط آپريشن ٿيڻ سبب ۽ خطرناڪ مرض فنگل وائرس ۾ وٺجي ويل وارھ واسي برک ليکڪ ۽ عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ منان چانڊيو جي صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو.عرفان منان چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته والد جي صحت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي  آھي، ڪجهه ڏينهن اڳ سول اسپتال ڪراچي ۾ فنگل وائرس سبب سندس نڪ جي هڏي جو آپريشن ڪيو ويو هو ته سندس اکين تان سوج لٿي پر آپريشن باوجود به اکين تان سوج ناهي لٿي ۽ ڊاڪٽرن پاران ٻنهي اکين جو نور ختم ٿيڻ جو خطرو ڏيکاريو پيو وڃي ۽ ڊاڪٽرن پاران وڌيڪ علاج بابت سومر ڏھاڙي تي طئي ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ثقافت کاتي طرفان ڪنهن به قسم جو رابطو يا مدد ناهي ڪئي وئي،  اسانکي سرڪار جي ڪنهن مدد کان وڌيڪ سنڌ واسين جي دعائن جي گهرج آھي. سنڌ واسي دعا ڪن ته بابا جون اکيون وڃائجي وڃڻ کان بچي وڃن ۽ سندس حياتي بچي پوي.