سڳيون (ن پ ا) ”محنت سان پيار، ڪاپيءَ کان انڪار“ جي عنوان سان ايورشائن  گروپ آف اسڪولس راڻيپور ڪئمپس ۾ شاگردن جي سالياني امتحان جو رزلٽ ڏيڻ جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پروفيسر عبيد الله ناريجو، پروفيسر لياقت  لاڙڪ، نور سھتو ۽ شرڪت ڪئي. پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي شيلڊون ۽ روڪ انعام پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي انجنيئر ممتاز علي چنا،  پروفيسر عبيد الله ناريجي ۽ لياقت لاڙڪ چيو ته علم انسان کي انيڪ مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي قوت عطا ڪري ٿو. هنن جو چوڻ هو ته هڪ قلم، هڪ ڪتاب ۽ استاد سماج ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو