سکر (بيورو رپورٽ) يوم دفاع جي سلسلي ۾ سکر جي مختلف تنظمين پاران بندر روڊ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهو پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج زنده باد، ڪشمير بنيگا پاڪستان جا نعرا هڻي رهيا هئا. ريليءَ دوران هندستاني جهنڊي کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، ان موقعي تي اصلاح  دين شيخ، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، مشرف محمود قادري، مولانا نعمان خان، حسنين شيخ، مولانا افضل حسيني ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 1965 جي جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ ملڪ جي عوام ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجون جانيون وطن مٿان قربان ڪيون. شھيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪريون ٿا.