لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي جي رهواسي معذور نوجوان عمران شيخ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي، معذوري سبب ڪم ڪار نه ٿو ڪري سگهان، هن مهانگائي جي دور ۾ گهر جو خرچ  هلائڻ توڙي ٻچڙن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. هن چيو ته منهنجو پيءُ صوبدار شيخ چانڊڪا اسپتال جو ملازم هو جيڪو ڪجهه مهينا اڳ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو جنهن کي پينشن جي به رقم نه ملي سگهي جنهن ڪري اسين بک، بدحالي ۽ غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هن چيو ته مون معذور ڪوٽا جي نوڪري لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪيترن ئي کاتن ۾ درخواستون جمع ڪرايون پر اڄ ڏينهن تائين مون کي نوڪري نه ملي آهي.هوڏانهن لاڙڪاڻي جي قطب ڪالوني واسي معذور دلبر ککراڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته آءُ ڄائي ڄم کان ٻنهي ٽنگن کان معذوري سبب روزگار ڪري نه ٿو سگهان جڏهن ته منهنجا والدين پيرسن آهن ۽ مون کان ننڍو ڀاءُ معذور آهي جنهن ڪري آءُ لاڙڪاڻي شهر جي وي آءِ پي روڊ سميت مختلف علائقن ۾ خيرات پني شام جي وقت گهر وارن جي لاءِ ڀاڄي ۽ ٻيو گهر جو سامان خريد ڪري پنهنجي گهر جو خرچ هلائيندو آهيان. احتجاج ڪندڙ ٻنهي معذور نوجوانن ڪوٽا تحت نوڪري ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.