سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان وڏي آبادي واري يونين ڪائونسل جوڻاس ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل ميٽرنٽي هوم عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، سهولتون اڻ لڀ، مقرر ٿيل  ليڊي ڊاڪٽر به ست مهينا اڳ پروموشن ملڻ تي هلي وئي. علائقي  واسين پاران نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. تفصيل موجب سلطانپور ڀرسان وڏي آباديءَ واري يونين ڪائونسل جوڻاس ۾ سرڪار پاران ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيل ميٽرنٽي هوم علائقي واسين لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. ٻارهن سال اڳ جوڙايل ميٽرنٽي هوم کي، لاڳاپيل اختيارين جي بي ڌيانيءَ سبب هن مهل تائين نه ليڊي ڊاڪٽر ملي سگهي ۽ نه ئي فرنيچر مليو آهي. جڏهن ته ايمبولينس ڊرائيور سميت سکر سول اسپتال ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ميٽرنٽي هوم کي مليل جنريٽر پڻ تعلقي اسپتال وارا کڻائي ويا آهن. اسپتال لاءِ پنهنجي زمين عطيو ڪندڙ سماجي ڪارڪن محمد حسن جهلڻ ۽ علائقي واسين محمد جادل منگي، محاجن مهر ،ڪامريڊ اسدالله جهلڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين 13 سال اڳ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هڪ بهترين ويم گهر قائم ڪري 36 ملازم مقرر ڪيا ويا پر هن وقت ادارو ٻن ويڪسينيٽرز، ٽن سوئيپرز ۽ هڪ مڊوائيف حوالي ٿيل آهي. بدانتظامي جي ڪري ميٽرنٽي هوم سالن  کان بي لاڀ بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ميٽرنٽي هوم کي فوري طور بحال ڪيو وڃي، ٻِي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.