لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) روينيو کاتي جي سيڪريٽري بقاءُ الله بوزدار جعلي کاتن واري ڪيس ۾ سزا آيل  مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال کي هٽائي عمرڪوٽ جي مختيارڪار محسن امير چانڊيو کي لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.نياز سيال کي بورڊ آف روينيو حيدرآباد ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. واضع رهي ته اينٽي ڪرپشن ڪورٽ وڪيل اعجاز ڀٽي ٻن جڳهن جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪري جعلي کاتا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال جي ضمانت رد ڪري 5 سال قيد ۽ هڪ لک 30 هزار سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ تپيدار شير محمد لغاري ۽ هڪ خانگي  جوابدار شامل آهن، جن کي به قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.