ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلڊرن جي تنظيم آباد جي چيئرمين آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي خط لکي زمينن تي قبضن ۾ ملوث 6 پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي،  خط ۾ چيو ويو آهي ته سهراب ڳوٺ جو ڊي ايس پي  سهيل فيض، منگهو پير جو ايس ايچ او پير سرفراز اعواڻ، سچل جو ايس ايچ او راجا تنوير، سرجاني جو ايس ايچ او  ياسين گجر، ماڙيپور جو ايس ايچ او غلام حيسن ڪورائي ۽ اي ايس آءِ  عبد العزيز قبضا مافيا جا سرپرست بڻيل آهن، واضح رهي ته آباد جي چيئرمين جي خط کان اڳ ڪياماِڙي جي ڊي سي 25 جنوري 2023 تي ايس ايڇ او ماڙيپور کي خط لکي سرڪاري زمينن تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ڊي سي آفيس موجب آباد اڳواڻن پاڻ ڪياماڙي ۾34 ايڪڙن تي قبضو ڪيو هو، ڪارروائي کان بچڻ لاءِ آباد پاران پوليس تي قبضن جا الزام هنيا ويا آهن