لاڙڪاڻو ( رپورٽ :نويد لاڙڪ) لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ کاتو بدلائڻ واري ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار لاڙڪاڻو نياز سيال، اڳوڻي تپيدار شير محمد سيال ۽ سپروائيزر مشتاق سپريو جي ضمانت رد ڪري 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جج سيد خليل احمد جعفري طرفان اهڙو فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ عدالت جي حڪم تي ڪورٽ روم مان ٽنهي جوابدارن کي هٿ ڪڙيون هڻي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن کي پنج پنج سال قيد سان گڏ 40-40 ھزار ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس کين سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ٽنهي ڄڻن رتوديرو ۾ مقرري دوران کاتيدار وڪيل اعجاز ڀٽي جي پراپرٽي جو کاتو مٽائي مشتاق ميراڻي جي نالي ڪيو هو جنهن تي شهري اعجاز ڀٽي طرفان 2016 ۾  اينٽي ڪرپشن ۾ سڌي فرياد داخل ڪرائي وئي هئي، ڄاڻايل ڪيس ۾ ٽئي جوابدار ضمانت تي آزاد هئا، ڪيس جي ٻڌڻي تي ضمانتون رد ٿيڻ ۽ سزا ٻڌائڻ کانپوءِ کين گرفتار ڪري سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو آهي.