نئون ڪوٽ (ن پ ا) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏيڻ لاءِ نئون ڪوٽ ۾ قائم رليف سينٽر تي آبادگارن کي ملندڙ رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايتن تي اي سي ريحان ڏيٿو ڇاپو هنيو، ان موقعي تي آبادگارن چيو ته ايڇ بي ايل ڊوائيس مالڪ سينٽر کان ٻاهر ڳوٺن ۾ وڃي رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڊوائيس هولڊر فنگر ميچ نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ٻن ڏينهن کان رلائي رهيو آهي، هن عملي کي ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.