سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو شيخ برادري جي گهرن کي چلهه جي چڻنگ مان باهه، 4 پورهيتن جا گهر سڙي رک، خبر موجب ڳوٺ پير بخش راڄڙ ۾ شيخ برادري جي گهرن کي چلھه جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻن عاشق علي شيخ، محمد حسن شيخ، شير محمد ۽ مشتاق شيخ جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو الهه تلھه رک ٿي ويو آهي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي نقصان کان بچائي ورتو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.