ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي رهجي ويل 11 يوسيز  ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم  الرحمان جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي جي 11 يوسيز تي اميدوارن جي فوتگين ۽ ٻين سببن ڪري مڪاني چونڊ نه ٿي سگهي آھي، اسان اليڪشن ڪميشن سان به رابطو ڪيو ھو پر اها مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان لنوائي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن کي 11 يوسيز تي فوري چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.