ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن ڪري شهري پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته شهر جي 10 کان وڌيڪ پاڙن لاءِ هر 15 ڏينهن تي هڪ لک گيلن مٺو پاڻي پبلڪ هيلٿ انتظاميا کي ملڻ باوجود شهر ۾ سپلاءِ ٿيڻ بدران ٽينڪرن ذريعي وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري شهري پاڻي کان محروم بنيل آهن، شهرين قربان نهڙي، هارون بجير، شوڪت سميجو، ساجن ميگهواڙ، ريجهو مل لڌاڻي ۽ بين جو چوڻ آهي ته ته کتري پاڙو، نهڙي پاڙو، بجير پاڙو، سودرا، شير محمد جي ڍاڻي سميت مختلف پاڙن ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي فراهمي بند پيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.