لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ خادم حسين کوسو پنهنجي ڀاءُ فدا حسين کوسو سان گڏجي دانهيو ته اسان جو وڏو ڀاءُ مجاهد حسين کوسو جمعي ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، ڳولا ڪرڻ سميت الهه آباد ٿاڻي توڙي ون فائيو مددگار کي اطلاع ڏنو، پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، هنن اپيل ڪئي ته ذهني مريض ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.