مٽياري )رپورٽر(  مٽياري جي ماڊل ڪورٽ چرس ۽ آفيم رکڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 14 سال قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ايڊيشنل سيشن جج جي ماڊل ڪورٽ ۾ کيبراڻي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت سڳوري فيصلو ڏنو آهي، جنهن ۾ جوابدار اختر پٺاڻ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 14 سال قيد ۽ن2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته جوابدار وٽان ست ڪلو چرس ۽ آفيم هٿ ڪيو ويو هو.