ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) تازين برساتن توڙي ٻوڏ دوران ضلعي ٺٽي اندر 260 اسڪولي عمارتن جي مڪمل ۽ 290 اسڪولي عمارتن کي جزوي نقصان رسڻ سبب هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . مڪلي ۾ يونسيف ۽ سنڌ تعليم کاتي ۽ آر ايس يو جي گڏيل سهڪار سان سنڌ پڙهندي ،سنڌ وڌندي جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي يونسيف جي نمائندي آفتاب نظاماڻي چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 7938 اسڪولي عمارتن جي سخت متاثر ٿيڻ ڪري لکين ٻارڙا ۽ ٻارڙين جي نه رڳو داخلا ٿي سگھي آهي پر اسڪولن ۾ پڙهندڙ هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي ويون آهن هن اهو به چيو ته ٺٽي ضلعي اندر تازين برساتن ۽ ٻوڏ وگھي پڻ 260 اسڪولن جي عمارن کي مڪمل نقصان رسيو آهي جڏهن 290 اسڪولي عمارتن کي جزوي نقصان پڻ رسيو آهي هن چيو آهي ته ضلعي اندر اسڪلوي عمارتن جي مڪمل ۽ جزوي متاثر ٿيڻ ڪري تعليم متاثر آهي جنهنڪري تعليم جي بهتري ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪم جي سخت ضرورت آهي جڏهن ته ان موقعي تي ڊي او پرائمري ٺٽو رحيم بخش سومرو، ڊي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم کاتو ضلعي اندر تعليم جي بهتري لاءِ لاڳيتو قدم کڻي رهيو آهي هنمن چيو ته نون استادن جي مقرري سان ڪيترائي اسڪول جيڪي سالن کان بند هئا اهي کولي ويا آهن، هنن چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ اسان سڀ کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سيمينار کي گسٽا ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ غلام نبي خشڪ، پروفيسر اعجاز پليجو، پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ شريف تنيو ، جسارت الياس جوکيو، ڀلوڙ شاعر ۽ استاد مارو خشڪ، نور سرا.ئي ، بائيو ميٽرڪ مانيٽرينگ جي اسسٽنٽ آفيسر حنين قادري، بشارت الياس جوکيو، فدا حسين شاهه، انيتا اقبال، عارفه پليجو، قادر پالاري، جليل کونڀاٽي، الينه شاهه، شيراز گل ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ رياست کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اها ان جي ذميواري آهي، هنن چيو ته سياسي مداخلت سبب پڻ سرڪاري اسڪولن کي نقصان پهتو آهي مقرريون پڻ سياسي بنيادن تي ڪيون وڃن ٿيون، هنن چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ صرف نصاب پڙهايو ٿو وڃي ۽ ٻيون صحت مند سرگرميون نٿيون ڪرايون وڃن، هنن چيو ته موجوده نصاب ۾ پڻ وڏيون غلطيون آهن، سرڪاري اسڪولن جي واهر نٿي ڪئي وڃي هنن چيو ته ناڪاره تعليمي پاليسين سبب نون مقرر ٿيل استادن ۾ هڪ آدمشماري جي ڊيوٽين تي هليا ويا آهن ته ٻيا وري ٽريننگ ڪري رهيا آهن ۽ اسڪول وري به ويران ٿي ويا آهن هنن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب سرڪاري اسڪولن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ جيڪي محفوظ هنڌن تي اسڪول هئا انهن ۾ امداد ڪئمپون قائم ڪري برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي ترسايو ويو جن اسڪولن موجود فرنيچر پڻ ٻاري ساڙي ڇڏيو، هنن چيو ته هن وقت ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جن جون ڇتن مان چاپر ڪري رهيا آهن، واش روم، پيئڻ جي پاڻي، فرنيچر ايتري حد تائين جو استاد جي ويهڻ لاءِ هڪ ڪرسي به موجود نه آهي ته ان صورتحال ۾ سرڪاري اسڪول ڪهڙا نتيجه ڏئي سگهن ٿا. هنن چيو ته جيستائين هيٺئن سطح تي عوام ۽ استاد جي راءِ موجب پاليسي نٿي جوڙي وڃي تيستائين سرڪاري اسڪولن جي صورتحال بهتر ٿين بجاءِ وڌيڪ تباهي طرف ويندي ۽ ان جا نتيجا انتهائي خراب سامهون ايندا جڏهن ته سيمينار کي خطاب ڪندڙ استاد اڳواڻن توڙي ساڃاھ ونڌن پڻ موجودھ طبقاتي تعليمي نصاب جي خاتلي آڻڻ جو مطالبو ڪندي سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي نصاب لاڳو ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آهي