خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ڪيسن جي ٻڌڻين دوران مسلسل غير حاضر رهندڙ 15 کان وڌيڪ اي ايس آئيز ۽ پوليس اهلڪارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. خبر موجب خيرپور جي سيڪنڊ اسسٽنٽ سيشن جج جي عدالت مسلسل غيرحاضر رهڻ تي مختلف ڪيسن جي فريادين ۽ شاهدن اي ايس آئيز علي اڪبر چاڪراڻي، عبدالڪريم سولنگي، عمران علي تمراڻي، هادي بخش مڱڻهار، شاهد خشڪ، ممتاز علي اڄڻ، بخش علي شاهاڻي، اي ايس آءِ دريا خان ڪانهر ۽ هيڊ ڪانسٽيبل بشير خاصخيلي سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.