لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جي شاگردن عاقب ابڙو، مزمل جوڻيجو، اظهر ابڙو، اسامه دايو احتجاج ڪندي چيو ته ڊسمبر 2020ع ۾شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايسوسئيٽ ڊگري آف سائنس، آرٽ ۽ ڪامرس ۾ داخلا ورتي، 4500 ايڊميشن فيس به ادا ڪئي پر سال گذرڻ باوجود امتحان ناهن ٿي سگهيا، يونيورسٽي انتظاميا 24 نومبر تي امتحان جو شيڊيول پڌرو ڪيو آهي،  سپلا طرفان گذريل امتحانن دوران انويجيليٽرن کي رهتون ادا نه ڪرڻ سبب ٽئي ڀيرا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. امتحان وٺي وڌايل فيسون گهٽائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.