ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊيءَ لڳ هٿياربندن ڦورو رستا روڪ ڪري مسافرن ۽ ڊرائيورن ڪنڊڪٽرن کان هزارين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڪرونڊي ڀرسان حسين پاتو لنڪ روڊ تي 5 هٿياربندن پٿرن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي يرغمال بڻائي ٽرالي جي مدد سان روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي مسافرن، ميلي تان موٽندڙ ڳوٺاڻن ۽ ڊرائيورن کان هزارين رپيا روڪ، موبائل فونون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.