حيدرآباد (بيورو رپورٽ)حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾  گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچر الائينس پاران 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن جي ڪاغذن جي ٻيهر ڇنڊ ڇاڻ واري عمل خلاف ٽيئن ڏينهن به پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. الائينس جي چيئرمين اعجاز کوسو، عاقل سمون، شهزادي ڀرڳڙي، نجيب ابڙو ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي پاران کين 2012ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. مختلف انڪوائرين بعد سندن پگهارون جاري ڪيون ويون پر ان باوجود 10 سال گذرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سندن ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو بهانو بڻائي کين نوڪرين مان بيدخل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي. استادن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل فوري طور بند ڪن ته جيئن استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ هو سنڌ اسيمبلي سامهون مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪندا.  تلهار جي ڳوٺ حاجي پير محمد ڏيٿو جي رهواسي اعجاز علي ڏيٿو گهر ڪئي آهي ته کيس وياجين کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته هن ڪاروبار لاءِ علائقي جي ڪجهه ماڻهن کان 40 لک رپيا وياج تي رقم ورتي هئي. ڪاروبار شروع ڪرڻ بعد هن 28 لک رپين جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي پر اها رقم قرض مان نٿي ڪٽي وڃي. کيس چيو پيو وڃي ته 28 لک رپيا رڳو وياج جي رقم آهي جڏهن ته مٿس اڃا تائين 40 لک رپيا قرض جي تقاضا ڪئي پئي وڃي. نه ڏيڻ تي ڌمڪيون پيون ملن. اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. حيدرآباد جي ڊرگهه موري واري علائقي جي ڳوٺ سائين بخش ٽنگڙي جي رهواسين ڄام خان ٽنگڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن ڳوٺ جي هڪ بااثر شخص انهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل بااثر شخص جي چرچ تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ کيس جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. هن اپيل ڪئي ته کيس حراسان ڪري جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ داخل ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.  هالا جي ڳوٺ پوٽو ڳاهوٽي جي رهواسي پيرسن زاهد حسين دانهيو تهسندس 2 ايڪڙ زرعي زمين تي بااثر ماڻهو قابض ٿي ويا آهن  ۽ زمين جا کاتا تبديل ڪرائي ان تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن گهر ڪئي ته زمين جا کاتا تبديل ڪرائي قبضو ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري زمين سندس حوالي ڪئي وڃي.