لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو ) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽن هفتن دوران 10 کان 31 آڪٽوبر تائين 16 ڏوهاري گروهن جي 45 ڏوهارين سميت مقابلن دوران 11 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.147 اشتهاري ۽ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 43 هٿيار، 116 گوليون، 25 ڪلو گرام چرس ۽ چوري توڙي ڦر ڪيل 35 موٽرسائيڪل هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مختلف ڪاروائين دوران 40 لک ڦر ۽ چوري ڪيل روڪ رقم ۽ قيمتي زيور به هٿ ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مارڪيٽ پوليس جي حد ۾ ڦر جي وارداتن سميت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ايجنٽ خالد ڪلهوڙو کان روڪ رقم ڦر ڪرڻ، باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ اويس چانڊيو کان روڪ رقم ۽ زيور چوري ڪرڻ، سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل حاجن جوڻيجو واري ڪيس کي به ٽريس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان موٽرسائيڪلون چوري جي وارداتن ۾ ملوث سرگرم گروهه کي گرفتار ڪري سچل ٿاڻي جي حد مان هڪ گهر ۾ لڳل ڌاڙي کي ٽريس ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته گذريل رات مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سرگرم ڏوهاري آهي جيڪو خالد ڪلهوڙو کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڦر ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث آهي ان کان علاوه هو ٻين وارداتن ۾ به ملوث آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.