قمبر ( رپورٽر) عورتون ۽ مرد ڊي سي قمبر جي آفيس اڳيان پنهنجا اهنج ۽ تڪليفون ٻڌائڻ سميت خاندان لاءِ راشن ۽ ٽينٽ وٺڻ لاءِ اچن ٿا پر انهن سان ڪو به آفيسر نه ٿو ملي، روشن چانڊيو، صفر چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سياري جي موسم شروع ٿي وئي آھي، گهر ڊهي پيا آھن، سردي کان بچڻ لاءِ ٽينٽ ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان به نه ٿو ڏنو وڃي، تڪليفن واري زندگي گذاري رهيا آھيون،  چونڊيل نمائندن توڙي آفيسرن کي اسان تي ڪو به رحم نه ٿو اچي، هنن گهر ڪئي ته انتظاميا جي نااهلي جو نوٽيس وٺي تڪليفن کان بچايو وڃي.