لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ زرعي زمينن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي، ڏڪار واري صورتحال جو  خدشو، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي وارهه، نصير آباد، شھداد ڪوٽ، ڏوڪري، رتوديرو، گاجي کھاوڙ، ميرو خان سميت ٻين علائقن جي زرعي زمينن مان 2 مھينا گذرڻ بعد برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب هزارين ايڪڙن ۾ ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي،  پوکائي نه ٿيڻ سان ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي،  پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا، جنهن سبب هاري توڙي آبادگار ٻڏ تر جو شڪار بڻجي ويا آهن،  ان حوالي سان ھاري توڙي آبادگار اڳواڻن عرفان علي جتوئي، محمد حسن مڱڻ، خالد کوسو، جنيد جروار سميت ٻين ٻڌايو ته برساتي ٻوڏ کي 2 مھينا گذري ويا آهن پر سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن سبب هن سال ٻنهي ضلعن ۾ هر سال 4 لک ايڪڙ زرعي زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي ڪئي ويندي آهي هن سال زمينن ۾ پاڻي هجڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين مٽاثر ٿيندي جنهن ڪري ڪڻڪ جي پيدا وار نه ٿيڻ تي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، موجوده وقت کان ايندڙ وقت پيداوار نه ٿيڻ ڪري اٽي جا اگهه ٻيڻا ٿي ويندا، هنن پرڏيهي وزير پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته زرعي زمينن مان برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ ڏئي ڪڻڪ جي فصل جي پيداوار کي وڌائي ڏڪار واري صورتحال کان بچايو وڃي..