خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڏندن جي سُور سبب سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ ويل ڀرڳڙي پاڙي جي رهواسي مريض مٿان ڊاڪٽرن جو مبينا حملو، يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ جو الزام، ڊاڪٽرن خلاف اين سي داخل. خبر موجب ڀرڳڙي پاڙي جي رهواسي پرويز وساڻ پنهنجي عزيزن جاويد، هدايت الله وساڻ ۽ ٻين سان گڏ سول اسپتال جي ايم ايس آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ۾ ڏندن جي سُور سبب ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ سول اسپتال پهتس ته ڊاڪٽر عزيزالله ڪٽوهر، ڊاڪٽر قيوم سهتو ۽ ڊاڪٽر محمدعلي شاهه ڪچهري ۾ مصروف هئا. کين بار بار چيو ته مون کي سخت تڪليف آهي، چيڪ اپ ڪيو ته اُهي مون تي ڏمرجي پيا ۽ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي مون تي سخت تشدد ڪيو، بعد ۾ ايم ايس جي مداخلت تي ڇڏيو ويو. هن چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ مريض بي يارو مددگار بڻيل آهن. ڊاڪٽرن کي مريضن جو ڪوبه احساس نه آهي. هن مطالبو ڪيو ته تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.