ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ واھر نه ٿيڻ خلاف گونگن ۽ ٻوڙن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري بيگاري پل تي ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي گونگن ۽ ٻوڙن جي ترجمان رضا محمد ٻٻر کي ٻڌايو ته  ٻوڏ ۾ جتي سڀ ماڻھو متاثر ٿيا آهن اتي ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ جي سگھه کان محروم بڻيل معذور به تمام گھڻو متاثر ٿيا آهن پر کين ڪو به سندن واھر ڪرڻ وارو ناھي، ھن ٻڌايو ته گونگا ۽ ٻوڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،  کين راشن ۽ خيما ڏئي سندن واھر ڪئي وڃي.