لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد حسيني پاڙي مان 15 ورهين جو فاروق اعظم جويو پراسرار نموني گم آهي، جنهن بابت وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. ان ڏس ۾ وارثن صدام حسين، عبدالحميد، ابوبڪر جويو ۽ ٻين ٻڌايو ته نينگر گهران سامان وٺڻ لاءِ نڪتو ته واپس ناهي آيو، هنن چيو ته نينگر کي مختلف هنڌن تي ڳوليو آهي پر ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هنن نينگر جي اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.