فريدآباد (ن پ ا) 12 مھينن کان کنڀي گم ڪيل ڪاڇي واسي 2 نوجوان آزاد نٿي سگهيا آهن، کنڀي گم ڪيل نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو جي وارثن حاجي خان خاصخيلي، ذاڪر حسين چانڊيو، فقير نثار سنڌ يار، علي چانڊيو ۽ ٻين 127 ڏينهن به بک هڙتال جاري رکندي دانهيون ته اسان جا نوجوان رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو بيگناھ آهن انهن کي 12 مهينن کان بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي. جن جي آزاديءَ لاءِ اسين وارث مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا نوجوان رياض ۽ ظفر بيگناھ آهن تنهن باوجود به اگر هنن تي ڪي به ڪيس وغيرھ آهن ته انهن کي ڪورٽن سڳورين ۾ پيش ڪري ظاهر ڪري اسان وارثن جي بيچني ختم ڪئي وڃي.هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي کي آزاد ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پنهنجن پيارن جي آزاديءَ تائين پُر امن تحريڪ جاري رهندي.