لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد پاڙي جي رهواسڻ ۽ بيوٽي پارلر تي ڪم ڪندڙ نوجوان ناري آرتي کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ سخت پريشاني جي لهر ڇانيل آهي، ان حوالي سان ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان نياڻي کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس رڳو ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهي ۽ سندس بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته جلد ناري جو پتو پئجي ويندو، ڪوششون جاري آهن.