پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني ۾ ھڪ مھينو اڳ اجتماعي بدفعلي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگر آفاق واگھو جي قتل ۾ ملوث وڌيڪ ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ پوليس پاران ظاھر ڪئي وئي آهي، نينگر جي قتل ۾ ملوث ۽ اڳ ئي گرفتار ٿيل جوابدار شفيق جتوئيءَ جي ڀاءُ الياس جتوئي ۽ سندس دوست ذوھيب منگي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آھي، جوابدار الياس جتوئي موجب سندس دوست ذوھيب منگي نينگر آفاق واگھو جون ڄنگهون جھليون ۽ ھن سرون ھڻي قتل ڪيو آھي ، پوليس پاران گرفتار ٿيل ٻنھي جوابدارن جو وڊيو بيان پڻ جاري ڪيو ويو آھي جن ۾ جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري رھيا آھن، جڏھن ته پوليس ٻن ڀائرن جوابدارن الياس ۽ شفيق جتوئي جي والد ڪمال جتوئي کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب ڪمال جتوئي کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪري ايف آئي آر ۾ نالو شامل ڪيو ويندو، ڪمال جتوئي پاران اڳ ئي گرفتار ٿيل جوابدار پٽ شفيق جتوئي کي گرفتاري کان اڳ چيو ھو ته ذوھيب منگي ۽ سندس ٻي ڀاءُ الياس جتوئي جو نالو ناھي کڻڻو، پوليس پاران آفيشلي طور ٻن جوابدارن الياس جتوئي ۽ ذوھيب منگي جي گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آهي جڏھن ته شفيق جتوئي ۽ الياس جتوئي جي والد ڪمال جتوئي جي گرفتار ظاھر ڪونه ڪئي آھي.