لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر تي پوليس جوانن لاءِ رهائش واري بئريڪ ۾ اوچتو ڇت جا ڇاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪورس تي آيل شڪارپور ضلعي جا 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ساٿي اھلڪارن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ  منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين  کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي ان موقعي تي اهلڪار سهراب ابڙو دانهيندي چيو ته اسان ضلعي شڪارپور جا رهواسي آهيون هتي لوئر جو ڪورس ڪري رهيا آهيون اسان جيئن ئي ڪلاس اٽينڊ ڪري بئريڪ B7۾ پهتاسين ته ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب احمد علي جوکيو ۽ ڪاشف ڦلپوٽو  سخت زخمي ٿي پيا اهڙو اطلاع اسان پوليس ٽرينگ سينٽر جي پرنسپال کي ڏنو سين ۽ ساٿين کي کڻائي اسپتال پهچايو. هنن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر تي بلڊنگ زبون حال آهي ان کي نئين سر تعمير ڪرائي شاگرد پوليس اھلڪارن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي