ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو واپڊا عملدارن ٿر جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي رهتون ڄاڻائي ڪاٽي ڇڏي، جنهن ڪري ڳوٺ ڪيتار، ڪيتاري، کاريو فضل، مٺڙيو ۽ ٻيا ڳوٺ 8 ڏينهن کان اونداهي جي ور چڙهيل آهن، ان ڏس ۾ رهواسين بشير نهڙي، يار  محمد منگريو، محمد علي ۽ ٻين چيو ته واپڊا عملدار بل نه پياريندڙن بدران سڄي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته اسان هر مهيني بجلي جو بل ادا ڪري رهيا آهيون، ڳوٺاڻن چيو ته بجلي نه هئڻ سبب ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،