گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٽن ٻارن سميت5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. گهوٽڪي ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سڄڻ واريءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا 45 ورهين جو سومر ملڪ، 12 سالن  جو مٺل ملڪ، 6 ورهين جو وحيد ملڪ، 8 ورهين جي گلماش ۽ گلزادي ملڪ بيهوش ٿي ويا. واقعي بعد متاثر گهرڀاتين کي سول اسپتال گهوٽڪي پهچائي علاج ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان حوالي سان مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته برسات پوڻ بعد کنڀين جي ڀاڄي کائڻ سبب گهرڀاتي بيهوش ٿيا آهن.