ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف ڪوڪڙي برادري جي ماڻهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران نيشنل بينڪ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي صديق سوهو، ڌرمو مل، ٻيگهي مائي، عمريو لال ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، جنهن  سبب غيرمحفوظ بڻيل آهيون، پوليس شڪايتن باوجود جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.