لاهور (م ڊ) لاهور ۾ توهين مذهب جو جوابدار 10 سالن بعد بري ٿي ويو، لاهور جي عدالت توهين مذهب جي جوابدار عاصم اسلم کي 10 سالن بعد بري ڪيو، عاصم کي 2011ع ۾ سيشن ڪورٽ مان ڏوهه مڃڻ تي سزا ملي هئي پر جوابدار سزا خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ 2021ع ۾ ڪيس ٻيهر ٽرائل لاءِ سيشن ڪورٽ موڪليو، ايڊيشنل سيشن جج توهين مذهب جي جوابدار کي ڪيس مان بري ڪيو ۽ عدالتي فيصلي ۾ چيو آهي ته واقعي وقت جوابدار جي ذهني حالت درست نه هئي ۽ عاصم 2009ع ۾ ذهني مريضن جي علاج لاءِ اسپتال ۾ رهي چڪو آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته 17 جون 2011ع ۾ ايف آءِ اي داخل ٿيڻ وقت جوابدار عاصم جي عمر 35 سال هئي ۽ ٿاڻي مغل پور ۾ ڪيس سندس ڀاءُ فيصل اسلم داخل ڪرايو، فريادي ايف آءِ آر ۾ اعتراف ڪيو هو ته عاصم جو ذهبي توازن اڪثر خراب ٿي ويندو آهي.