ٺٽو/ کورواهه/ ڪيٽي بندر (نمائندن وٽان) ٺٽي جي سامونڊي تعلقي ڪيٽي بندر جي حجامڙي ڪريڪ ۾ 3 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل ٻن هوڙن جي لاپتا مهاڻن مان وڌيڪ هڪ مهاڻي جي لاش هٿ اچي ويو آهي، جنهن بعد فوتي مهاڻن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي،  جڏهن ته لاپتا 9 مهاڻن جي هن مهل تائين ڳولا جاري آهي. ان ڏس ۾ ڇنڇر واري ڏينهن ڪيٽي بندر ويجھو سامونڊي ڪريڪ حجامڙو ۾ تيز هوائن جي گھلڻ سبب ٻڏي ويل ٻن هوڙن مان هوڙي المنير جي وڌيڪ هڪ مهاڻي ڪراچي جي علي آباد جي رهاڪو ڪامران پٽ نورالسلام بنگالي جو لاش هٿ آيو آهي. ساڳئي هوڙي جي وڌيڪ ٻن مهاڻن ۾ سليم بنگالي ۽ رفيق بنگالي جڏهن ته ٻئي هوڙي الصديقي جي 7 مهاڻن ۾ شامل بدين جي تعلقي گولاڙچي جي ڳوٺ غلام ملاح جي 4 مهاڻن محمد امين پٽ صالح ملاح ، لطيف پٽ حسن ، الهبخش پٽ خان ، غلام پٽ سومار ۽ فشريز ڪراچي واسي 3 رفيع الله پٺاڻ، گل نبي پٺاڻ، زاهڊ حسين پٺاڻ سوڌو 9 مهاڻن جي ڳولا لاءِ پاڪ ميرين، پاڪستان مريرين ٽائيم سيڪيورٽي جي اهلڪارن توڙي ايڌي ۽ فشر فوڪ فورم جي رضاڪارن سميت ضلعي انتظاميه ۽ مقامي مهاڻن پاران ريسڪيو آپريشن جاري آهي، پر 9 مهاڻن جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگھيو آهي. لاپتا مهاڻن جي نه ملڻ تي سندن وارث ڪيٽي بندر شهر ۾ پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ جيٽين تي سخت پريشاني واري عالم ۾ ويٺل آهن. حادثي ۾ بچي ويل مهاڻن اڪبر ملاح صديق ملاح عمر ملاح ۽ ٻين پهنجي اخبار کي ٻڌايو ته تيز هوا سبب لانچ جي انجڻ برسٽ ٿيڻ ڪري لانچ ٻيٽ سان ٽڪرائجي وئي هئي، جنهن ۾ سمورا سوار لاپتا ٿي ويا، اسان قدرتي طور بچي سمنڊ ڪناري پهتاسين. اسان جا 4 ماڻهون اڃان گم آهن.