لاهور: دهشتگردي توڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

0
208

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمران خان جي 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٽن مختلف ڪيسن ۾ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ان کي 11 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو

حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ٿيڻ بعد عمران خان لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت عمران خان کي 11 وڳي طلب ڪندي چيو ته عدم پيشي جي صورت ۾ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو، عمران خان جا ضمانتي مچلڪا به جمع نه ٿيا آهن، جيڪو عدالت ايندو، اُن کي رليف ملندو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي پيش ٿيڻ بعد عدالت 13 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

هي به پڙهندا

سُپريم ڪورٽ پاران چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو