اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس 9 نڪاتي ايجنڊا تي مشتمل هوندو. اجلاس اڄ شام 4 وڳي  شروع ٿيندو جنهن ۾ گيس ميٽر جو رينٽ ( مسواڙ ) 40 رپين مان وڌائڻ جو معاملو بحث هيٺ ايندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽريڊ مارڪ ترميمي بل 2023ع منظوري لاءِ پيش ٿيندو. اسيمبلي ايجنڊا کان ڌار ڏنل فهرست ۾ سوالن جوابن جو سيشن به شامل آهي.  ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي 9 ايم اين ايز اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳواڻ آفتاب صديقي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي 9 ايم اين ايز جي شرڪت بابت آگاهي ڏني.  خط ۾ لکيو ويو آهي ته اسپيڪر پاران ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري وارو حڪم معطل ٿيڻ کان پوءِ ميمبر اجلاس ۾ شرڪت جو حق رکن ٿا.