نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نواب شاهه کان هيلي ڪاپٽر ذريعي نئون ديرو هائوس پهتو جتي ملازمن سان ملاقاتون ڪري نئون ديرو هائوس ۾ ملازمت ڪندڙ ملازمن جون پگهارون 25 هزار مان وڌائي 35 هزار ڪيون، جنهن بعد اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هيلي ڪاپٽر ذريعي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري شهيد قائدين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور خالي ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. آصف زرداري مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد سکر روانو ٿي ويو. ان موقعي تي ايم پي اي نادر خان مگسي ساڻس گڏ هو.