قمبر( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ شاهي خان چانڊيو ۾ جوابدار لعل حسين چانڊيو ڪارنهن الزام ۾  پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ماسات 30  سال جي نواز چانڊيو کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي بروقت علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪرايو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، دوست علي پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو ڪارنهن  معاملي تان ٿيو آھي.مامي محمد علي  ٻڌايو ته مقتول زرعي زمين ۾ ڀاڻ ڇٽي رهيو هيو ته جوابدار پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويو آھي.