ڪنب (ن پ ا) ڪنب ڀرسان ڳوٺ پيرگڊوءَ ۾ پ ٽ الف تعلقي ڪوٽڏيجي جي صدر استاد عبدالجبار وساڻ  جو نوجوان ڀائٽيو حماد الله پٽ نور محمد وساڻ  محرم الحرام جي سلسلي ۾ علم لڳائي رھيو ھو ته علم بجليءَ جي 11 ھزار وولٽيج تارن سان ٽڪرائجي ويو، نتيجي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان بيهوش ٿي ويو. واقعي بعد کيس ڪوٽڏيجي اسپتال نيو پئي ويو ته هو فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش  گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ پ پ اڳواڻ ھالار وساڻ، جعفر علي شاهه، رياض حسين وساڻ، مولوي عطاءُ الله ناريجو، زوار حيدر علي تمراڻي، امير جسڪاڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.