ٽنڊوباگو/ ڏيئي(نمائندن وٽان) ڏيئي ڀرسان عورت سان مبينا لڄالٽ ڪئي وئي، جڏهن ته فرياد لاءِ ويندڙن تي حملو ڪري متاثر عورت جي ڀاءُ کي زخمي ڪيو ويو.ان ڏس ۾ ڳوٺ عبدالله  ملاح ۾ پنهنجي گهر ۾ اڪيلي ويٺل 20 سالن شادي شده عورت مسمات شازيه زال غلام شبير ملاح سان پاڙيسري جمال ملاح گھر ۾ گھڙي مبينا لڄالٽ ڪئي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. متاثرعورت شازيه وارثن سان گڏجي  ڏيئي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته سندس ڳوٺ جي نوجوان جمال ملاح گهر ۾ گهڙي مون سان زوري لڄالٽ ڪئي آهي، ٻي طرف  متاثر عورت جي ڀاءُ ڪريم بخش ملاح تي جوابدار ڌر جي ماڻهن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي پڻ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جنهن بابت لڄالٽ جو نشانو بڻيل عورت جي ڀاء ڪريم بخش ملاح جو چوڻ آهي ته آئون پنهنجي ڀيڻ کي وٺي ڏيئي ٿاڻي تي ڏاڍائي جو ڪيس ڪرائڻ لاء وڃي رھيا ھئاسين ته جوابدارن مڇرجي مون تي حملو ڪري مون کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ڏيئي پوليس پاران متاثر عورت کي ميڊيڪل لاءِ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو جتي سندس ميڊيڪل ڪيو ويو. جڏهن ته رابطو  ڪرڻ تي ڏيئي ٿاڻي جي وڏي منشي الهبچايو خاصخيلي ٻڌايو ته ھي واقعو ٽي ڏينهن اڳ ٿيو آهي. اڄ جهيڙي ٿيڻ کان پوءِ متاثر ڌر ٿاڻي تي آئي آهي. متاثر عورت جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن چيو ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.