قمبر ويجهو چانڊيا ۽ بروهي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ راضي ٿي ويا

0
273
چانڊيا ۽ بروهي خوني تڪرار
قمبر ويجهو چانڊيا ۽ بروهي خوني تڪرار جي نبيري لاءِ راضي ٿي ويا

قمبر: خوني جهيڙي دوران هڪ ئي ڏينهن 5 انساني حياتيون ڳڙڪائيندڙ چانڊيا-بروهي تڪرار جي نبيري لاءِ ڌرين پاران راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي

ٺاروخان مارفاڻي، شهري اتحاد جي اڳواڻن ۽ ٻين چڱن مڙسن تي ٻڌل ميڙ منٿ قافلي ٻنهي ڌرين وٽ پهچي خوني تڪرار جي نبيري جي اپيل ڪئي، ڌرين پاران ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي تڪرار جي نبيري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي

چانڊين ۽ بروهين جي ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين پاران ميڙمنٿ قافلي جي پرجوش آجيان ڪئي وئي ۽ چڱن مڙسن کي مان ڏيندي سردار چانڊيو جي سرپينچي ۾ خوني جهيڙو نبيرڻ تي راضپو ۽ اتفاق ظاهر ڪيو ويو

3 ڏينهن اڳ قمبر ويجهو ڳوٺ نصير محمد چانڊيو ۾ ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ هلي رهي هئي