ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ: بنگلاديش سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
221
ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ
ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ: بنگلاديش سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ بنگلاديش پاپوا نيو گني کي هڪ طرفي مقابلي دوران 84 رنس تان شڪست ڏئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

مسقط ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽس جي نقصان تي 181 رنس ٺاهيون، محمود الله ففٽي ۽ شڪيب الحسن 46 رنس ٺاهي نمايان رهيا. پاپوا نيو گني پاران ڪابوا موريا، ڊيون راوو ۽ ڪپتان اسد والا ٻه ٻه وڪيٽس ورتيون

پاپوا نيو گني جي سموري ٽيم 182 رنس جو هدف پورو ڪرڻ جي ڪوششن دوران ويهين اوور ۾ 97 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪو به بيٽسمين بنگلاديشي بالرز جي سامهون بيهي نه سگهيو ۽ 9 بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. ڪپلن دوريگا 46 رنس ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو

بنگلاديش پاران شڪيب الحسن شاندار بولنگ ڪندي 4 وڪيٽس ورتيون، جڏهن ته محمد سيف الدين ۽ تسڪين احمد 2-2 وڪيٽس ورتيون. بنگلاديش ان ڪاميابي جي نتيجي ۾ گروپ بي مان سپر ٽويلو مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گروپ اي مان سريلنڪا به ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي