اغوا ڄاڻايل پڪاچانگ جي ناري اوچتو منظرعام تي اچي وئي

0
227
نوجوان ناري فرزانا پروين
اغوا ڄاڻايل پڪاچانگ جي ناري اوچتو منظرعام تي اچي وئي

فيض گنج: پڪاچانگ شهر جي غريب آباد ڪالوني مان 8 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل  نوجوان ناري فرزانا پروين اوچتو منظرعام تي اچي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته هنن ناريءَ کي ڀريا روڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران هٿ ڪيو، جڏهن ته ناريءَ جو چوڻ آهي ته هوءَ وجهه وٺي جوابدارن وٽان ڀڄي آئي آهي

فرزانا پروين جو چوڻ آهي ته 8 مهينا اڳ جوابدارن امجد ۽ نظر انصاري هڪ بيمار عورت کي اسپتال کڻائي هلڻ جي آڙ ۾ مون کي اغوا ڪيو هو، هن چيو ته جوابدار مختلف هنڌن تي ترسائيندا هئا ۽ منهنجي مٿان تشدد به ڪندا هئا

فيض گنج پوليس موجب فرزانا جي اغوا جو ڪيس ٻنهي جوابدارن خلاف داخل ٿيل آهي، سڀاڻي ناريءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار نظر انصاري گرفتار ٿيل آهي