قمبر( اسپورٽس نيوز) قمبر ۾ سٽي ڪپ ھارڊ بال ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ستين ميچ ۾ خطرا اليون ڪرڪيٽ ڪلب قمبر ينگ سنڌو ڪرڪيٽ ڪلب کي 5 وڪيٽن  تان شڪست ڏئي ڇڏي. ينگ سنڌو پھريان بيٽنگ ڪندي 11 اوورن ۾ 100 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ خطرا اليون ڪرڪيٽ ڪلب  گھربل هدف 10 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. خطرا اليون ڪرڪيٽ   ڪلب طرفان جاويد مغيري 51، ظفر مغيري 40 رنز ٺاھي نمايان رهيا ۽ بھترين بالنگ ڪندي جاويد مغيري ۽ حميد مغيري 4-4 وڪيٽون  وٺي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.