ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ 8 ايڊيشن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪراچي ۾ 9 ميچز کيڏيون وينديون. 8 مقابلا رات ۽ هڪ مقابلو ڏينهن ۾ ٿيندو. نيشنل اسٽيڊيم ۾ پهرين ميچ 13 فيبروري تي ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ 16 فيبروري تي ٿيندي، ٽئين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ 18 فيبروري تي کيڏي ويندي، چوٿين ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندر وچ ۾ 19 فيبروري تي کيڏي ويندي، پنجين ميچ لاهور قلندرز ۽ ڪوئٽا گليڊيئيٽرز وچ ۾ 20 فيبروري تي کيڏي ويندي. ڇهين ميچ لاهور قلندر ۽ ڪوئٽا گليڊيئيٽر وچ ۾ 21 فيبروري، ستين ميچ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ 23 فيبروري، اٺين ميچ ڪوئيٽا گليڊيئيٽر ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ 24 فيبروري تي کيڏي ويندي. ڪراچي جي نائين ۽ واحد ڊي ميچ 26 فيبروري تي ڪراچي ڪنگز ۽ ملگان سلطان وچ ۾ ٿيندي. جڏهن ته پي ايس ايل جون 5 ميچون ملتان، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ 14 ميچون راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، جن مان 3 مقابلو ڏينهن جو باقي 11 مقابلا رات جو ٿيندا، 9 ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون جن ۾ آخري 5 ئي ميچون به شامل آهن.